وزير علي ڀنڊ

وزير علي ڀنڊ : سياسي ۽ سماجي اڳواڻ وزير علي ڀنڊ،1969ع ۾، محمد حيات ڀنڊ جي گهر ۾ ڳوٺ مينهين خان ڀنڊ، تعلقي دادو ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ورتي، مئٽرڪ ۽ انٽر دادوءَ مان ڪيائين. 1987ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين. وزير علي ڀنڊ سياست جي شروعات سنڌي شاگرد تحريڪ جي پليٽ فارم تان 1985ع ۾ ڪئي. هن پنهنجي وڏي ڀاءُ ممتاز علي ڀنڊ سان گڏجي سياسي سرگرميون شروع ڪيون، تعلقي سطح کان پوءِ ضلعي سطح تي به ڪم ڪيائين. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ پليٽ فارم تي سرگرم رهيو. هن ان دور ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾، 1990ع ڌاري جشن لطيف ڪرايو، جنهن جو خاص مهمان نامور سياستدان ۽ اديب رسول بخش پليجو هو ۽ صدارت شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ نور نبي راهوجي ڪئي. وزير علي ڀنڊ پنهنجي ڳوٺ ۾ به تعليم جي حوالي سان پنهنجي ڀاءُ ممتاز علي سان گڏجي ڪم ڪيو، سئمينار ۽ ورڪشاپ ڪرائي ماڻهن ۾ تعليمي رجهان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وزير علي ڀنڊ 7 جون 1998ع ۾ ڪار حادثي ۾ وفات ڪئي، ساڻس گڏ سندس وڏو ڀاءُ به ڪار ۾ موجود هو، ٽنڊي الهيار، نصرپور ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪندي سندس ڪار جو ريل سان ٽڪر ٿيو، جنهن ۾ ٻئي ڀائر ٿڏي تي وفات ڪري ويا. وزير علي ڀنڊ کي ڀاءُ سان گڏ دادوءَ ۾ پير سرفو قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


لفظ وزير علي ڀنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو